بيجنگ-27 آگسٽ (اي پي پي)پاڪستان ۾ تازو ٿيل دهشتگرد حملن جي چين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خ??بر?? ايجنسي مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ڪالهه پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته چين هر ق??م جي دهشتگردي جي سخت م??الفت ڪري ٿو ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارين ڪاررواين کي اڳيان وڌائڻ، سماجي اتحاد ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ ماڻهن جي تحفظ لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته چين پاڪستان سان دهشتگردي جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن گڏيل طور تي علائقائي امن امان جو تحفظ ڪري سگهجي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب