ڪوئيٽا – 02 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف بلوچستان ۾ بجلي، گئس ۽ انفراسٽرڪچر جي اربين رپين جي ماليت جي ترقياتي من??وبن جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم مختلف من??وبن جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر محمد خان اچڪزئي، وڏو وزير ثناءُ الله زهري، وفاقي ۽ صوبائي وزير، پارليامينٽ ميمبر ۽ سينيئر عملدار پن موجود هئا. وزيراعظم 220 ڪي وي خضدار گرڊ اسٽيشن ۽ 274 ڪلوميٽر خضدار – دادو ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪيو جيڪا 7.35 ارب رپين جي ??اڳ?? سان مڪمل ٿيندي. هن 227 ڪلوميٽر ??گهي لورالائي – ڊي جي خان بجلي ٽرانسميشن لائين جو پڻ افتتاح ڪيو جنهن تي 2.731 ارب رپين جي ??اڳ?? ايندي. انهن من??وبن جو مقصد بجلي جي طلب گهٽ ڪرڻ، وولٽيج ۾ بهتري آڻڻ ۽ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل