بيجنگ – 30 ڊسمبر (??ي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تي ق??ئم گڏيل رابطا ڪميٽي چئني صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ريل جي ماس ٽرا??زٽ منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ??ي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي احسن اقبال چيو ته اهي ريل منصوبا لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي لاءِ منظور ڪيا ويا آهن، اهي منصوبا لاهور ۾ تعمير هيٺ اورنج لائين ٽرين منصوبي وانگر هوندا، اهي چار ئي منصوبا سي پيڪ فريم ورڪ جو حصو بڻايا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ لاڳاپا ملڪ ۾ 9 ص??عتي زونز ق??ئم ڪرڻ جو معاهدو ٿيڻ کانپوءِ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا آهن. اهي اقتصادي زونز وفاقي حڪومت پاران اسلام آباد، ڪراچي کانسواءِ چئني صوبن، فاٽا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف شهرن ۾ ق??ئم ڪيا ويندا.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا