اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو 13 هون اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ م??عق?? ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ان کي عالمي ۽ علائقائي ڏس ۾ درپيش قومي سلامتي جي چئلينجن ۽ خطرن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏکڻ ايشيا جي حوالي سان پاليسي کي به غور هيٺ آندو ويو. اجلاس ۾ دفاع واري وزير خرم دستگير خان، ناڻي واري وزير اسحا?? ڊار، گهرو وزير احسن اقبال، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، چيف آف آ??مي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد ذڪاءُ الله، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان، قومي سلامتي ڪميٽي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه، آءِ ايس آءِ جي ڊا??ريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ سينئر سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار