بکر – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي خدمت ڪئي آهي، 5 سالا ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام جولاءِ 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏ??ند??، ايندڙ چونڊن ۾ لعنت موڪليندڙن ۽ خدمت ڪندڙن جي وچ ۾ مقابلو هوندو ۽ عوام باشعور آهي، اها خدمت ڪندڙن کي چونڊ??ند??. بکر ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ کانپوءِ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي آهي جو توهان جو پراڻو مطالبو پورو ٿيو، مون کي نواز شريف جي خصوصي هدايت هئي ته 20 سالن کان جيڪو واعدو پورو ڪرڻ جو موقعو ن?? مليو اهو واعدو مڪمل ڪرڻ تي انهن کي مبارڪباد ڏيان، 7 ارب رپين جي لاڳت سان پل جو اهو منصوبو مڪمل ٿ??ند?? ۽ ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ٿ??ند??، اها ٻن صوبن کي ڳنڍيندڙ پل آهي، مسلم ليگ (ن) سدائين صوبن کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي، فرق جي نه، ان کان اڳ جون حڪومتون ۽ آمريتون به اها پل نه ٺاهي سگهي??ن هيون جڏهن ته اهو مسلم ليگ (ن) ۽ نواز شريف جي حصي ۾ آيو ت?? ملڪ ۾ ترقي جا منصوبا ڏي، ملڪ کي اڳتي وٺي هلي.
مسلم ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي خدمت ڪئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک