اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي ضلعي ڪچهري اسلام آباد ۾ بنيادي سهولتن جو جائزو ورتو آهي، عدالتن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، ان مشڪل حالتن ۾ ججن جي فرضن جي ادائيگي ۽ وڪيلن جو حوصلو قابل تحسين آهي، دنيا ۾ ڪرپشن جي خلاف ڌرڻا ۽ مارچ ٿيندا رهندا آهن، اسان وٽ سياسي فن??ار ڪرپشن جي تحفظ لاءِ مارچ ڪري رهيا آهن، حڪومت جمهوريت دوست جو ڪردار ادا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي مخالف ڌر جي ڪرپشن زده چهرن جي ايجنڊا ڏسڻي آهي، مارچ جي جمهوري ح?? کي عوامي مشڪلاتن ۾ اضافي لاءِ استعمال کان پاسو ڪيو وڃي، حڪومت مع??هد?? موجب مارچ جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نه وڌي، پسند واري جاءِ فراهم ڪئي، جڏهن ته پا??ي، بجلي سميت سموريون سهولتون به فراهم ڪيون، هو ضلعي عدالتن جي دوري کانپوءِ ميڊي?? سان ڳالهائي رهي هئي.
عدالتن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر