اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ دوران عوام کي سستي ۽ معياري ضروري ش??ن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ 19 شين تي سبسڊي لاءِ اڍائي ارب روپ??ن جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ش??ن جي گهرج ۽ ضرورتن تي اهو پيڪيج 7 ارب تائين وڌائي س??هب??، عيدالفطر کانپوءِ به 5 ضروري شين تي سبسڊي جو عمل جاري رهندو، 4 هزار کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورن تي اٽي، گيهه، کنڊ، چانهه، دال??ن ۽ چانورن سميت 19 ش??ن جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي، يوٽيلٽي اسٽورز تي ش??ن جي دستيابي جي مانيٽرنگ لاءِ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ۽ ٽاسڪ فورس ٺاهي ويندي، رضاڪار فورس راشن پهچائڻ ۽ ڪيش منتقلي ۾ سهولتڪاري لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، وزيراعظم معاشي رليف پيڪيج تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي 10 ارب جاري ڪري ڇڏيا آهن. اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ موبائيل اسٽور شروع ڪري رهيا آهيون، ٻهراڙ??ن ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي وڌيڪ 500 يوٽيلٽي اسٽورز کوليا ويندا، يوٽيلٽي اسٽورز وزيراعظم جي ويزن جي تڪميل ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا، وزيراعظم جي پاليسي جو محور مرڪز عوامي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ خميس ڏينهن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان گڏ ميڊيا بريفنگ دوران ڪيو.
وفاقي حڪومت پاران 19 شين تي سبسڊي لاءِ اڍائي ارب رليف پيڪيج جو اعلان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت