اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و آهي ته پاڪستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي جيڪا 1967ع کان اڳ هئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر ا??قدس هو، ان تي ڳڻتي ۽ ابهام جي ڪا گنجائش نه آهي، ڪشمير تي اسان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو ماضي جي حڪومتن جو هو، ان تي قومي اتفاق راءِ آهي، پارلياماني اتفاق راءِ جي لاءِ هڪ پارلياماني ڪشمير ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي پاڪستان تسليم نه ٿو ڪري، ڀارت جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبر بڻجڻ جو سوال ئي نه آهي، غيرمستقل ميمبر پاڪستان ۽ ڀارت 7، 7 ڀيرا رهيا آهن هاڻي ڀارت جڏهن ته 2026ع ۾ پاڪستان اٺون ڀيرو غيرمستقل ميمبر جي مهم شروع ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چ??و ته ??ئون واضح طور تي چ??ان ٿو ته ??ن خدشن جو اظهار خواجه آصف ڪيو آهي انهن ۾ ڪا حقيقت نه آهي. اهو چيو ويو ته ??رب ملڪن جي موقف ۾ تبديلي آئي آهي، پاڪستان مسلمان ملڪن جي اثر هيٺ اچي ڪٿي پنهنجي پاليسي تي نظرثاني نه ڪري رهيو هجي ته ??ئين هرگز نه آهي.
پاڪستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي جيڪا 1967ع کان اڳ هئي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : راکی