ڪراچي – 15 فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت عورت?? کي بااختيار بڻائڻ ، انهن جي لاءِ ڪم جي حالت?? کي سازگار بڻائڻ، هراسمينٽ کان تحفظ ۽ معاشري ۾ ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان جي روشن معاشي مستقبل جي لاءِ عورت?? کي بااختيار بڻائڻ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عورت?? کي بااختيار بڻائڻ جي مناسبت سان ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورت?? کي انهن جي برابر بنيادي حقن جي ضمانت ڏي ٿو ۽ موجوده حڪومت زندگي جي هر شعبي ۾ انهن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان قانونسازي ۽ معاشري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، هن چيو ته عورت?? کي بااختيار بڻائڻ معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، ان ڏس ۾ هر ماڻهو کي پنهنجو ڪردار ا??ا ڪرڻ گهرجي، هن عورتن جي لاءِ ڪم واري ماحول کي وڌيڪ سازگار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
موجوده حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي: بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن