اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته ڪاروباري عورتون ملڪي تر??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عورتن جي معاشرتي سرگرمين ۾ شرڪت کانسواءِ ملڪ تر??ي نه ٿو ڪري سگهي، ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ مها??گا??ي جو مسئلو وڌيڪ آهي، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا جنهن جي ڪري اڄ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، اسان کي مها??گا??ي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فنڪا مائيڪرو فنانس بئنڪ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عورتون اسان جي آبادي جو 50 سيڪڙو حصو آهن، جيڪڏهن آبادي جو ه?? وڏو حصو ڪم نه ڪندو ته ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. ه?? چيو ته اسان کي معاشي سرگرمين ۾ عورتن کي شريڪ ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي هي ملڪ تر??ي ڪري سگهندو. چوڌري فواد حسي?? چيو ته هنرمند ۽ تعليم يافته عورتون پنهنجون ڪمپنيون جوڙي سگهن ٿيون، انهن جي لاءِ فنانس جي سهولت دستياب آهي، حڪومت به ڪيترن ئي پروگرامن ۾ عورتن کي مالي مدد مهيا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين احساس پروگرام ۾ 5 لک رپين تائين جا قرض دستياب آهن، عورتون پنهنجو ڪاروبار قائم ڪن، ڪاروبار هوندو ته روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. ه?? چيو ته وزيراعظم جيڪو ريليف پئڪيج ڏنو آهي ان جو مقصد 31 هزار رپين کان گ??ٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ آهي. چوڌري فواد حسي?? چيو ته آمدني گهٽ ٿيڻ سان مها??گا??ي جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گهٽ نه ٿينديون، ان لاءِ مها??گا??ي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو لازمي آهي. ه?? چيو ته 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، اڄ شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آهن، شهرن ۾ مها??گا??ي جا مسئلا وڌيڪ آهن، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.
ڪاروباري عورتون ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا