اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا آهن، صنعتڪار ۽ بزنس مين عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏجي هلن، پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور موجب آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل جي روانگي و??پار جي پاليسي جا ثمر هاڻي و??ضح طور تي نظر اچي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان ناليوارن صنعتڪارن ۽ واپارين جي وفد ملاقات ڪئي. حڪومت ۽ صنعتڪارن گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، صنعتن جي فروغ لاءِ ڊگهي مدي و??ري پاليسين جي تسلسل تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته حڪومت کي عالمي منڊي ۾ مهانگائي ۽ ان جي ڪري عوام تي بار جو احساس آهي، عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، صنعتڪار ۽ بزنس مين عام ماڻهو کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏجي هلن، پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت ۾ اچڻ کان اڳي ئي پارٽي منشور ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل جي روانگي و??پار جي پاليسي شامل ڪئي هئي جنهن جا ثمر هاڻي و??ضح طور تي نظر اچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ جي 10 وڏين ڪمپنين گزريل سال 929 ارب رپيا منافعو ڪمايو، حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به حڪومت نه کنيا، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جو روانگي و??پار 21 ارب ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهتو ۽ ايندڙ سال 26 ارب ڊالر جو روانگي و??پار متوقع آهي، پاڪستان دنيا جو چوٿون سڀ کان وڏو موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي. ٽريڪٽرز جي روانگي و??پار ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ 90 سيڪڙو پارٽي مقامي طور تي تيار ڪيا وڃن ٿ??، آءِ ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل سان گڏوگڏ دفاعي پيداوار ۽ انجنيئرنگ جي شعبن تي ڌيان ڏنو وڃي. ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر ۾ حصيداري سان فائدو کڻي سگهجي ٿو، ملڪ جي ترقي جي لاءِ حڪومتي پاليسين جي عملدرآمد ۾ پورو ساٿ ڏينداسين. ان موقعي تي و??يراعظم چيو ته حڪومت صنعتن جي فروغ ۽ روانگي و??پار وڌائڻ جي لاءِ ڊگهي مدي و??ري پاليسي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري انڊسٽري رڪارڊ منافعو ڪمايو جنهن جا ثمر مزدور طبقي کي ملڻ گهرجن. وزيراعظم چيو ته آئون انهن صنعتڪارن ۽ واپارين جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي گذارش تي ملازمن جون پگهارون وڌايون، چين جي دوري کان اڳ بزنس ڪمونيٽي سان مشاورت ضروري هئي، حڪومت پاڪستاني ۽ چيني صنعتڪارن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ گڏيل بزنس منصوبا قائم ڪرڻ تي ڳالهه ڪندي. وزيراعظم چيو ته هڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جنهن سان وچولي ۽ غريب طبقي جي معاشي حالتن ۾ بهتري ايندي، روانگي و??پار ۾ اضافي جي لاءِ آءِ ٽي، زراعت، لائيو اسٽاڪ، مشينري، ٽيڪسٽائيل سيڪٽرز ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن. صنعتڪارن حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي مڪمل تائيد ڪئي ۽ منافعي ۾ اضافي جي ثمرن کي هيٺئين طبقي تائين منتقل ڪرڻ جي حمايت ڪئي. صنعتڪارن روانگي و??پار وڌائن، ننڍي ۽ وچولي صنعتن جي فروغ، ٽيڪس نظام ۾ بهتري ۽ چين جي دوري جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. ملاقات ۾ ناليوارا صنعتڪار ثاقب شيرازي (هونڊا اٽلس)، علي اصغر جمالي (انڊس موٽرز)، غياث الدين خان (اينگرو)، سڪندر مصطفيٰ (ملت ٽريڪٽر)، حامد زمان (سيفام)، شاهد عبدالله (سيفائر)، خرم مختار (پاڪستان ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽرز ايسوسيئيشن)، زاهد بشير (گل احمد)، اعظم فاروق (چراٽ سيمنٽ)، خليل ستار (ڪي اينڊ انز)، عبدالرحيم ۽ گوهر اعجاز (اپٽما) شامل هئا. وفاقي و??ير شوڪت ترين، اسد عمر، حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، چوڌري فواد حسين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، مملڪتي و??ير فرخ حبيب، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينيئر آفيسر موجود هئا.
حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ لاءِ تاريخي قدم کنيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری