اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير سعودي عرب ۾ سفير طور نامزدگي تي امير خرم راٺوڙ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ هر ڏکي وقت ۾ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اس??ن جي حڪومت اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، توهان جهڙي مڃيل سفارتڪار جي سفير طور مقرري اس??ن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پرڏيهي وزير چيو ته اس??ن جي سفيرن کي اقتصادي سفارتڪاري کي اس??عمال ۾ آڻي پاڪستان جي معاشي اس??حڪام ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري اس??ن جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستانين جو وڏو تعداد رهي ٿو جيڪي پنهنجي محنت جي ڪمائي پاڪستان موڪلي ملڪ جي معاشي اس??حڪام ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سعودي عرب لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير امير خرم راٺوڙ پرڏيهي وزير جو ٿو??و ادا ڪندي سندس هدايتن تي مڪمل عملدرآمد جي خاطري ڪرائي.
پرڏيهي وزير سان سعودي عرب لاءِ نامزد سفير امير خرم راٺوڙ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین