اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ايمرجنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ادارو هوندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (پي اي ايڇ اي ايل) 911 جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جي چيئرمين انجنيئر معراج گل، نيشنل انفارميشن ٽي??نا??اجي بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ??ائريڪٽر سيد حسنين عباس ڪاظمي ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خان سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ان سروس جي حقيقي شروعات کان اڳ هيلپ لائين جي آ??مائشي ۽ سافٽ لانچ جي ذريعي ان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فعال بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم کي ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته هنگامي خدمتون فرا??م ڪندڙ ادارا فائربرگيد، پوليس، طبي معاونت، قدرتي آفتن کان بحالي ۽ موٽروي پوليس سميت خدمتون فرا??م ڪندڙ سمورن 36 انفرادي ايمرجنسي نمبرز کي پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين 911 ۾ ضم ڪيو و??ند??. ڪو به ضرورتمند شخص 911 تي ڪال ڪندو ۽ ڪال سينٽر ان جي ڪال کي لاڳاپيل حڪومتي ادارن ڏانهن موڪل??ند??. ڊيجيٽل پاڪستان قدم جي حصي طور اهو انفارميشن ٽي??نا??اجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وزارت ۽ گهرو وزارت جو گڏيل منصوبو آهي. نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن ۽ انفارميشن ٽي??نا??اجي وزارت جو نيشنل انفارميشن ٽي??نا??اجي بورڊ ان منصوبي کي آ??اني سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري فني معاونت ۽ انفراسٽرڪچر فرا??م ڪندو جڏهن ته گهرو وزارت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مختلف ايمرجنسي ريسپانس سروسز جي لاءِ رابطي جي ذميوار هوندي.
عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ايمرجنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ادارو هوندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار