ڪراچي- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، وڏي وزير جي قانون بابت صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته پاڪستان جي موسمياتي تبديلي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي تازي بدترين ٻوڏ ان جو مثال آهي، اسان شهر جي ب??تري ۽ تر??ي لاءِ قومي ۽ عالمي ادارن سان گڏ ملي ڪري ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، شهر جي انفراسٽرڪچر جي ب??تري لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، اها ڳالهه هن پنهنجي آفيس ۾ يونائٽ??ڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام بابت پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي، ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي سيد افضل زيدي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا، ملاقات ۾ يو اين ڊي پي ۽ ڪي ايم سي سان سهڪار سان اربن ڊولپمينٽ، موسمياتي تبدلي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ب??ريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته دنيا جي سمورن وڏن ۽ سامونڊي شهرن ۾ اربن ڊولپمينٽ جي حوالي سان منصوبا ٺاهيا ويا جنهن سان شهرين کي سهولت حاصل ٿي آهي، ان منصوبي ۾ روڊ نيٽ ورڪ جي واڌاري ۽ تر??ي، ٽرانسپورٽ جو جديد نظام، پارڪس، تفريحي جڳهن کي ب??تر ٺاهڻ ۽ ماحولياتي آلودگي ۾گهٽتائي جهڙا قدم مٿين لسٽ آهي، ڪراچي دنيا جي ان شهرن ۾ شامل آهي جتي آبادي ۾ اضافي سان گڏو گڏ شهري وسيلن تي دٻاءُ ۾ اضافو ٿيو آهي، شهري حدود جي واڌاري ۽ جديد طرز رهائش هائوسنگ جي شعبي ۾ نوان پهلو متعارف ڪرايا، ڪراچي ۾ بنيادي شهري انفراسٽرڪچر کي تر??ي ڏني پئي وڃي ته جيئن آبادي ۾ اضافي جي باوجود شهرين کي هڪجهڙيون سهولتون ميسر اچي سگهن، ان سلسلي ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ روڊن جي بحالي، تعمير ۽ مرمت، اسٽريٽ لائيٽس جي درستگي، وڻڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي، تر??ياتي ڪمن کي جديد دور جي تقاضن جي مطابق بنائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي ته جيئن اهو منصوبو وڏي عرصي تائين شهرين لاءِ قابل استعمال رهي، هن چيو ته ڪراچي دنيا جي انهن شهرن ۾شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين سان منهن ڏيڻ لاءِ عالمي معاهدي جو حصو آهن ۽ ان حوالي سان اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، گڏيل قومن جو تر??ياتي ادارا پنهنجي پروگرام جي سلسلي ۾ جيڪي پڻ مدد يا سهڪار چاهيندا اهو فراهم ڪيو ويندو، ڪراچي جي تر??ي لاءِ صوبائي حڪومت پڻ خاص دلچسپي وٺي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن.
پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، تازي بدترين ٻوڏ ان جو مثال آهي، اسان شهر جي بهتري ۽ ترقي لاءِ قومي ۽ عالمي ادارن سان گڏ ملي ڪري ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا: بئرسٽر مرتضيٰ وهاب
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر