سرينگر – 27 – آڪ??وبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ??نهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڪارو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي ۽ ڪشميرين جي امنگن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪ??وبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي ف??ج جي جارحيت ۽ نريندر مودي جي شيطاني ڀارتي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ??ذمت لاءِ اڄ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي ??ارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ ڪشميرين کي چيو ته اهي اڄ دنيا کي اهو باور ڪرائين ته ڪشمير کي ڀارت جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ تائين اهي سک سان نه ويهندا. بيان ۾ چيو ويو ته 27 آڪ??وبر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ هڪ ڪارو ڏينهن آهي.
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڪارو ڏهاڙو ملهايو
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea