سکر-13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته روڊن جو ڄار وڇائڻ کانسواءِ ترقي ۽ خوشحاليءَ جو خواب ساڀيان نٿو ٿي سگهي، نواز شريف ملڪ ۾ موٽر ويز جو بنياد رکيو، پٺتي پيل علائقن جي ترقيءَ تي خاص ڌيان ڏن?? پيو وڃي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان سڄي ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا. سکر- حيدرآباد موٽر وي ايم 6 جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزير مريم اورنگزيب، احسن اقبال، اسعد محمود، خورشيد شاهه، امين الحق کان علاوه سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جا ميمبر ۽ معزز شهرين پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ وزيرا??ظم نقاب ڪشائي ڪري ايم 6 موٽر وي جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيرا??ظم چيو ته هي الله تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي جو اسان جي اتحادي حڪومت ان اهم منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي رهي آهي، ان سان سکر، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي ملڪ جي عوام کي ??ائ??و ٿيندو. ان جي پڄاڻيءَ سان اُتر کان ڏکڻ طرف موٽر وي مڪمل ٿي ويندو. وزيرا??ظم چيو ته هي منصوبو 30 مهينن جي مختصر مُدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو ۽ 306 ڪلوميٽر ڊگهي ان شاهراهه تي 307 ارب رپين جي لاڳت ايندي جنهن م حڪومت صرف 9 ارب جڏهن ته باقي فنڊ نجي شعبو فراهم ڪندو جيڪو ا?? شاهراهه جي پڄاڻيءَ تي پنهنجي پوري لاڳت ڪرڻ کان علاوه منافعو پڻ ڪمائيندو. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ان موٽر وي جو ا??وئي معيار هئڻ گهرجي جيڪو موٽر ويز جي باقي سيڪشنن جو آهي، ان کان گهٽ معيار قبول نه ڪيو ويندو. ان حوالي سان سمورن لاڳاپيل وزيرن ۽ ادارن کي پنهنجون سموريون ڪوششون ڪتب آڻي گڏيل ڪوششن سان ان منصوبي جو معيار ۽ مقرر وقت ۾ تڪميل کي يقيني بنايو وڃي. وزيرا??ظم ملڪ جي باقي حصن ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت وڌيڪ منصوبا شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان سنڌ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ماڊل کي هٿي ڏيڻ کي ساراهيو. وزيرا??ظم بلوچستان، پنجاب ۽ ٻين صوبن ۽ حڪومتن تي زور ڀريو ته اهي ان ماڊل کي هٿي وٺرائين، ڇاڪاڻ ته ان سان ترقي ۽ خوشحاليءَ جي منزل حاصل ٿيندي. وزيرا??ظم وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي مطالبي تي سکر- روهڙي پُل مڪمل ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان منصوبي جي اڳوڻي وزيرا??ظم محمد نواز شريف منظوري ڏني هئي. وزيرا??ظم وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي خدمتن کي ساراهيندي ان جي صحتيابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ موٽر ويز جو بنياد نواز شريف رکيو آهي ان جو سهرو کيس وڃي ٿو. وزيرا??ظم بلوچستان مان اپ ڪنڙي ڪنيڪٽوٽي تي تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته بلوچستان پاڪستان جو ا??م صوبو آهي، ان جي ترقيءَ کان سواءِ پاڪستان جي ترقي اڻ مڪمل آهي. هن ٻُڌايو ته منهنجي هدايت تي گوادر جي بندرگاهه کي آپريشنل ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ گوادر کان گُهرائي پئي وڃي ڇاڪاڻ ته اسان کي پٺتي پيل علائقن کي ترقي ڏيارڻي آهي، وزيرا??ظم چيو ته ان لينڊ فريٽ جي لاڳت وڌڻ سميت مختلف قسم جا عذر پيش ڪيا ويا پر اسان ڪڻڪ جي سڀ کان گهٽ واڪ ڏيندڙن کان پڻ گهٽ قيمت ڪرائي نه صرف چند ارب رپيا وڌيڪ بچايا بلڪ گوادر ذريعي ڪڻڪ گهرائڻ سان ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويل علائقي کي پڻ ??ائ??و ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پٺتي پيل علائقن کي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ شامل نه ڪيو ته قائد جي پاڪستان جو خواب ساڀيان نه ٿيندو. وزيرا??ظم واضح ڪيو ته موٽر ويز جي معيار تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، سمورا لاڳاپيل ادارا معياري تعمير کي يقيني بڻائين. وزيرا??ظم دادو، قمبر- شهدادڪوٽ سميت مختلف علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ بهتر ڪم ڪرڻ تي صوبائي حڪومت ۽ پ پ جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته اڃا گهڻو ڪم باقي ڪرڻو آهي، لکين ماڻهو بي يارو مددگار ويٺا آهن، ڪيتريون ئي مشڪلاتون ۽ چئلينجز سامهون آهن، پنهنجي مشڪلاتن ۾ گهيريل ڀيڻن ۽ ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن لاءِ جيڪو وس ۾ هوندو ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. وزيرا??ظم جلد ٻوڏ متاثر علائقن جي دؤري ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته حڪومت الله تعاليٰ جي ڪرم سان ملڪ کي درپيش چئلينجز ۽ مشڪلاتن مان ڪڍي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ڪندي. ان کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄوڪو ڏينهن تاريخي ڏينهن آهي، گذريل ساڍن 3 سالن کان ان منصوبي جو ڪم رڪيل هو، هاڻ ايم 6 تي ٻنهي طرف کان هڪ ئي وقت ڪم شروع ٿيندو. هن سکر- حيدرآباد نيشنل هاءِ وي جي بحاليءَ لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ ۽ ايم 6 جو ٽول موٽر وي جي باقي سيڪشنن مطابق مقرر ڪرڻ ۽ نوڪريون مقامي ماڻهن کي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن ٻوڏ متاثرن جي لاءِ ڪيترائي دؤرا ڪرڻ تي وزيرا??ظم کي ساراهيو ۽ چيو ته اڃا تائين ڪجهه ضلعن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، اسان کي خيمن ۽ خوراڪ جي ضرورت آهي. پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد احمد شاهه ايم 6 کي معيشت لاءِ اهم منصوبو قرار ڏيندي چيو ته ان تي تمام گهڻو اڳ ڪم شروع ٿيڻو گهرجي ها. هن چيو ته سنڌ وٽ 3 بندرگاهون آهن، صحيح معنائن ۾ انهن مان ??ائ??و حاصل ڪرڻ لاءِ موٽر ويز جو ڄار وڇائڻ جي ضرورت آهي. هن بلوچستان کي پنجاب سان ملائڻ لاءِ موٽر وي جي تعمير ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ۽ وزيرا??ظم کي درخواست ڪئي ته ڪراچي، حب ۽ دادو شاهراهه جي منصوبي جو جائزو ورتو وڃي. هن گذريل حڪومت طرفان ساڍن 3 سالن تائين ان منصوبي کي روڪڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود خطاب ڪندي چيو ته جڏهن پي ڊي ايم کي حڪومت ملي ته ملڪي معيشت تباهه حال هئي جڏهن ته ٻوڏ سبب سڄي ملڪ خاص ڪري بلوچستان ۾ انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، جڏهن ته ان باوجود حڪومت ملڪي معيشت کي بحال ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن جي پڄاڻيءَ جي ذميداري کنئي. نواز شريف ملڪ کي وڏا موٽر ويز ڏنا ان تي عملدرآمد ڪندي پي ڊي ايم جي حڪومت محمد شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ موٽر ويز جي ڪم کي پڄاڻيءَ تائين قدم کنيا. هن چيو ته گذريل حڪومت ڪميونيڪشن ڊويزن ۾ ڊائون سائزنگ ڪئي ۽ ترقياتي منصوبن کي روڪيو. هن چيو ته اسان وزيرا??ظم محمد شهباز شريف کي يقين ٿا ڏياريون ته پاڪستان جي مفاد ۾ منصوبن کي جاري رکڻ لاءِ ساڻس ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهنداسين ۽ ملڪي ترقيءَ لاءِ ڪم جاري رکنداسين. نيشنل هاءِ ويز اينڊ انڊس هاءِ وي جي مڪمل بحالي تي پڻ ڪم جاري رکنداسين. ان حوالي سان پيش ايندڙ مشڪلاتون وزيرا??ظم محمد شهباز شريف آڏو رکيون وينديون. ان موقعي تي جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو پڻ خطاب ڪيو. ان کان اڳ مواصلات واري سيڪريٽري ڪئپٽن (ر) خرم آغا وزيرا??ظم کي ايم 6 منصوبي تي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته ايم 6 ستن ضلعن مان گذرندو ۽ ان تي 15 انٽر چينجز تعمير ڪيا ويندا. اهو ڇهن لائنن وارو موٽر وي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 307 ارب رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيندو جنهن ۾ 9.5 ارب رپيا حڪومت فراهم ڪندي. ايم 6 تي 10 سروس ايرياز ۽ 6 فلاءِ اوورز ٺاهيا ويندا. ان منصوبي سان 25 هزار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ملندا ۽ سکر- حيدرآباد وچ ۾ سفر جو مفاصلو اڌ گهٽجي ويندو.
روڊن جو ڄار وڇائڻ بنا ترقي ۽ خوشحاليءَ جو خواب ساڀيان نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز