اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ٽن سالن ۾ آءِ ٽي روا??گي واپار 15 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن، آءِ ٽي نصاب کي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪ??و وڃي، آءِ ٽي انڊسٽري پنهنجي برآمدي آمدني پاڪستان آڻي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي صدارت ۾ انفار??يش?? ٽيڪنالاجي جي شعبي جي فروغ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس ٿيو. وزيراعطم حڪومت ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي وچ ۾ هم آه??گي جي فروغ ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اسٽينڊنگ ڪ??يٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري کي پنهنجي برآمدي آمدني پاڪستان آڻڻ جي ترغيب ڏيندي چيو ته پاڪستان وٽ انفار??يش?? ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته آءِ ٽي روا??گي واپار کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 2.6 بلين آمريڪي ڊالر مان 15 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن، آءِ ٽي نصاب کي آءِ ٽي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪ??و وڃي. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن خاطري ڪرائي ته آءِ ٽي انڊسٽري ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف آءِ ٽي جي شعبي جي فروغ جي حوالي سان هڪ جائزه اجلاس ۾ حڪومت ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي وچ ۾ هم آه??گي جي فروغ ۽ آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اسٽينڊنگ ڪ??يٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزارت، انفار??يش?? ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا نمائندا شامل هوندا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان وٽ انفار??يش?? ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن جو ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان انٽر پرينيورز آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ ۽ ترقي ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي سيڪٽرز جو روا??گي واپار پاڪستان ۾ آءِ ٽي سيڪٽر جي ٽيلنٽ ۽ صلاحيت جي ڀيٽ ۾ ڪافي گهٽ آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته آءِ ٽي روا??گي واپار کي ايندڙ ٽن سالن ۾ 2.6 بلين آمريڪي ڊالر مان 15 بلين آمريڪي ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ عملي قدم ترجيحي بنيادن تي کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اهڙا ايڪسپورٽرز جن آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ خاطرخواهه اضافي جي لاءِ ڪردار ادا ڪيو، انهن کي حڪومتي سطح تي ساراهيو ويندو. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن اجلاس کي پنهنجي آپريشنل مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ انهن مسئلن جي حل جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم آءِ ٽي انڊسٽري کي پنهنجي برآمدي آمدني پاڪستان آڻڻ جي ترغيب ڏيندي آءِ ٽي انڊسٽري جي مسئلن جي فوري حل جي خاطري ڪرائي ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ان حوالي سان موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن خاطري ڪرائي ته آءِ ٽي انڊسٽري ملڪ جي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جو انگ 6 لک مان وڌائي 15 لک ڪرڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪ??يش??، يونيورسٽيون ۽ تربيتي ادارا ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪن. وزيراعظم آءِ ٽي نصاب کي آءِ ٽي انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، انفار??يش?? ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير امين الحق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، سيد فهد حسين، شيزه فاطمه، اعليٰ سرڪاري آفيسرن پاڪستان جي آءِ ٽي انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ايندڙ ٽن سالن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 15 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي عملي قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا