اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻار جي صحت جي فروغ ۽ وڌندڙ آب??دي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي بابت معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه آب??دي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي ??هيو آهي، عالم سڳورا، ميڊيا ۽ راءِ رکندڙ ماڻهو خانداني منصوبابندي جي حمايت سان معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي آب??دي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته وڌندڙ آب??دي کي روڪڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي اهم ذريعو آهي، عالم سڳورن ۽ ميڊيا کي خانداني منصوبابندي بابت ماڻهن ک?? آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سموريون ڌريون خانداني منصوبابندي ۽ بهتر خانداني صحت کي ش??دي شده جوڙن جي بني??دي انساني حقن طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن. صدر چيو ته خانداني منصوبابندي جي مصنوعات ۽ خدمتن جي طلب پوري ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن عوام جي صحت ۽ غذائيت بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ماءُ جي صحت، توليدي صحت، ذهني ۽ جسماني ڪمزوري ۽ غذائيت جي کوٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن خانداني منصوبابندي ۽ بهتر صحت جي فروغ لاءِ صوبائي حڪومتن سميت سمورين ڌرين پاران موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گڏيل قومن جي آب??دي فنڊ جي پاڪستان ۾ نمائنده ڊاڪٽر لوئي شباني صدر کي پاڪستان ۾ خانداني منصوبابندي جي خدمتن جي فروغ ۾ گڏيل قومن جي آب??دي فنڊ جي ڪردار بابت آگاهه ڪندي چيو ته آب??دي فنڊ اهم ادارو آهي ??نهن پاڪستان ۾ هيستائين ڪيل سموري ڊيموگرافڪ ۽ هيلٿ سروي کي مدد فراهم ڪئي آهي. ڊاڪٽر لوئي شباني چيو ته آب??دي فنڊ اعليٰ معيار جي خانداني منصوبابندي جي معلومات ۽ خدمتن جي تيز تر فراهمي ۽ پهچ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جو آب??دي فنڊ گذريل 50 سالن کان پاڪستان ک?? فني ۽ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهي.
آبادي ۾ تيزي سان اضافو قومي وسيلن تي زبردست دٻاءُ وجهي رهيو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی