ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ ۽ انهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان جي اٽڪل 10 سيڪڙو آبادي کي انهن جي بنيادي حق کان محروم رکيو ويو آهي جيڪو قوم جو تمام وڏو نقصان آهي، ملڪ جي نوجوانن ۽ اشرافيه وٽ معاشري جي ان نظرانداز طبقي جي مدد ۽ ترقي جي لاءِ وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي، اها ت??لي?? يافته نوجوانن ۽ اشرافيه جي ذميواري آهي ته ا??ي انهن پٺتي پيل ٻارن کي مفيد ۽ ذميوار شهري بڻائڻ جي لاءِ ت??لي?? حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ اقراءَ يونيورسٽي جي 20 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حسين لاکاڻي گروپ جو چيئرمين نويد لاکاڻي، اقراءَ يونيورسٽي جي وائي?? چانسلر ارم اسد، اڳوڻا شاگرد، استاد ۽ پڙهائي پُوري ڪري نڪرندڙ شاگردن جا والدين پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي صدر صحت ۽ ت??لي?? کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو بنياد قرار ڏنو ۽ پاڪستاني يونيورسٽين تي زور ڏنو ته ا??ي پنهنجي شاگردن کي روزگار جي قابل ??نر سان ليس ڪن، انهن جي تجزياتي ۽ تنقيدي سوچ جي صلاحيتن کي ف??وغ ڏين ته جيئن اهي پنهنجي ذاتي ۽ پيشيواراڻي زندگي ۾ ڪامياب ٿي سگهن. صدر شاگردن تي زور ڏنو ته ا??ي پنهنجي ت??لي??ي ۽ پيشيواراڻي زندگي دوران قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن تي هلن. هن چيو ته شاگردن کي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ معاشري ۾ ساٿي انسانن سان پنهنجي معاملن کي بهتر بڻائڻ ۽ حقوق العباد جي ادائيگي تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڪميونيڪشن جي موثر صلاحيتن کي پڻ اڀارڻ گهرجي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته ا??ي سڄي زندگي سکڻ وارا بڻجن ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ پنهنجي علم ۽ هنر کي اپ ڊيٽ ڪندا رهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي نوجوانن مان وڏيون اميدون آهن ۽ انهن کي پنهنجي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي جديد ترين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۽ جدت، تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿيندڙ نمايان تبديلين کان پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي روشناس ڪرائي سگهجي. صدر ملڪ کي ترقي جي تيز رفتار راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ جديد ت??لي?? کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن فارغ ٿيندڙ شاگردن کي نصيحت ڪئي ته ا??ي نظم ۽ ضبط ۽ ا??لي?? اخلاقي قدرن کي ف??وغ ڏين. صدر چيو ته ڪاليجن ۾ اٽڪل 60 سيڪڙو کان 80 سيڪڙو نوجوان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، نوجوان متوازن زندگي گذارڻ ۽ پنهنجي جسماني ۽ ذهني صحت ۽ تندرستي جو خيال رکن. هن يونيورسٽي جي شاگردن، فيڪلٽي ۽ اڳوڻي شاگردن تي زور ڏنو ته ا??ي پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي ذميواريون پڻ پوريون ڪن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي بهترين ت??لي??ي ڪارڪردگي تي شاگردن ۾ گولڊ ميڊل پڻ ورهايا. ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 800 کان وڌيڪ شاگردن کي ڊگريون ۽ ميڊلز ڏنا ويا.
افسوس آهي جو پاڪستان جي اٽڪل 10 سيڪڙو آبادي کي انهن جي بنيادي حق کان محروم رکيو ويو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر