دوحه – 06 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي و??و. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران اسرندڙ ملڪن جي ڪانف??نس ??ي پنجين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هو قطر جي امير پاران ڪانف??نس ۾ شريڪ ملڪي سربراهن ۽ وزيرن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شريڪ ٿ??و. ??زيراعظم سومر ڏينهن ڪانف??نس جي اجلاس کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري ۽ تعاون کي وڌي?? وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قطر جي سيڙپڪاري بورڊ، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي سي اي او منصور ابراهيم ال محمود به وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي م??تل?? تجويزن تي اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران پاڪستان جي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي وئي.
وزيراعظم قطر جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada