اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد ه??ءِ ڪمشنر سراج اح??د خان ملا??ات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٻطرفي مفاد جي ل??ءِ پاڪستان ۽ تنزانيه جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان تنزانيه سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان تنزانيه سان معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد ه??ءِ ڪمشنر کي تنزانيه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي ل??ءِ پاڪستان پاران تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان تنزانيه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر نامزد ه??ءِ ڪمشنر کي تنزانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد ه??ءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ جي ل??ءِ ڪم ڪري، تنزانيه جا شاگرد پاڪستان جي گهٽ قيمت واري ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سراج اح??د خان کي تنزانيه ۾ ه??ءِ ڪمشنر مقرري تي ??با??ڪباد پڻ ڏني. صدر تنزانيه سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ل??ءِ ڪم جي هدايت پڻ ڪئي.
صدر سان تنزانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سراج احمد خان جي مُلاقات
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔