لاهور – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آه??، مفتي اٽي جي ورڇ شفاف طريقي سان بڻائي وڃي، رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو، اٽي جي فراهمي دوران چوري روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استع??ال ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾پنجاب حڪو??ت پاران رمضان ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته مفت اٽي جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه قبول نه آه??، مفت اٽي ا??ڪيم ۾ پنهنجي اهليت ايس ايم ايس ذريعي جانچي ويندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن کي به ان پروگرام تي مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته مفت اٽي جي ورڇ 25 شعبان کان 25 رمضان تائين ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي ورڇ 8 هزار 500 يوٽيلٽي ا??ٽورز ذريعي ڪئي وڃي. عوام جي سهولت جي لاءِ اٽي جي ورڇ جا وڌيڪ 20 هزار پوائنٽس قائم ڪيا وڃن.
ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II