اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو، آئين پارليامينٽ جي هنج ۾ جنم ورتو، عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي پر ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، دنيا ۾ ڪٿي ڪو ا??ڙو مثال نه آهي ته پارليامينٽ جو قانون جڏهن ??ڃا ??هو وجود ۾ به نه آيو هجي، تي عدالت منع نامو جاري ڪري ڇڏي، اسان انشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين. هو پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي موبائيل ايپ جي اجراءَ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئين جي ڊيجيٽل ايپ تي دستياب هجڻ سان شاگرد، شاگردياڻيون ۽ ڪروڙين پاڪستاني آئين جي منشا ۽ پاڪستان جي آئين جي بنيادي اساس مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته هي حسن اتفاق آهي ته مون 12 آڪٽوبر 1999ع تي پي ٽي آءِ جي هن ??لڊنگ گذايو جڏهن هڪ غيرآئيني قدم کنيو ويو هو ۽ اڄ الحمدالله آئين جي احترام ۽ آئين جي شقن کي هر خاص ۽ عام تائين پهچائڻ جي لاءِ ٻيهر هن ??مارت ۾ موجود آهيان. هن ??ئين جي بانين جن ۾ اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، مفتي محمود مرحوم، مولانا شاهه احمد نوراني مرحوم، خان عبدالولي خان جهڙيون قدآور شخصيتون هيون جيڪي پنهنجي سياسي سوچ موجب پنهنجي پارٽين جي قيادت ڪري رهيا هئا پر پاڪستان جي آئين لاءِ انهن پنهنجا سمورا اختلاف وساريندي هن ??ئين کي تخليق ڪيو ۽ اهڙي طرح رهندڙ دنيا تائين انهن ??و نالو سدائين سنهري لفظن ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اڄ ٻيهر آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو، آئين پارليامينٽ جي هنج مان جنم ورتو، آئين جي تشريح عدليه ڪري سگهي ٿي اهو ا?? جو اختيار آهي پر عدليه آئين کي ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، ??هو رڳو پارليامينٽ جو اختيار آهي ۽ ??هو رڳو پاڪستان ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ مڃيل اصول آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، مون سميت اسان سياستدانن کان بي شمار غلطيون ٿيون ۽ وڏا ماڻهو ا??ي ئي هوندا آهن ??يڪي پنهنجي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌن ٿا ۽ قوم جي اعليٰ ۽ وڏن مقصدن جي لاءِ پنهنجي ذات کي قومي مفادن جي تابع ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته يقينن اسان سبق سکيو آهي ۽ انشاءَ الله اسان پاڪستان جي مشڪل ترين حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن ??ات ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ رهنداسين، آئون بنا ??نه?? پاڻ وڻائڻ جي ??هو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان کي تمام گهڻين مشڪلاتن حالتن ۾ هي اقتدار مليو ۽ بنا ڪنهن ??ياسي ڳالهه ٻولهه ۾ وڃڻ جي آئون ??هو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان ان ڳالهه تي پوري طرح هڪ آهيون ته اسان انشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست کي بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ قطعي طور هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين ۽ اهڙي طريقي سان آئون هتي ??هو چوڻ چاهيان ٿو ته جتي اسان کي پنهنجي غلطين جو ادراڪ ٿيڻ گهرجي اتي اسان کي ??هو چوڻ ۾ به ڪا هٻڪ نه ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪو قانون ٺاهي ٿي ته دنيا ۾ ڪٿي ڪو ا??ڙو مثال نه آهي ته پارليامينٽ جي قانون کي جڏهن ??ڃا ??هو وجود ۾ به نه آيو هجي، عملي شڪل به اختيار نه ڪئي هجي ته عدالت ان تي منع نامو جاري ڪري ڇڏي، ائين ڪڏهن ناهي ٿيو، ??هو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ۽ ان تي پارليامينٽ پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪندي، اهڙي طريقي سان آئين جي اعليٰ عدليه سدائين تشريح ڪئي آهي، اهو ا?? جو حق آهي ۽ ??هو ٿيندو رهيو آهي پر ڪڏهن ??ئين کي ”ري رائٽ“ نه ڪيو ويو، ڊڪٽيٽرز آئين کي ٽوڙيو آهي، ان جو هڪ نه ڪيترائي مثال آهن پر اسان، عدليه، اعليٰ عدليه، بئنچ ۽ بار مان اميد ڪريون ٿا ته اهي آئين ۽ قانون جو تحفظ ڪندا. وزيراعظم چيو ته اسان جو آئين نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو موجوده دور جو بهترين فيصلو آهي، اسڪولن ۾ پرائمري ۽ اعليٰ درجن ۾ يونيورسٽي جي سطح تي آئين جي نصاب جو حصو بڻجڻ سان آئين ۽ قانون پاڪستان جي ٻار ٻار کي ياد ٿي ويندو جنهن ??ان قانون جي حڪمراني ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ نادرا جي عملدارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان جي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪي قدم کنيا ويا اهي ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسان جي نوجوان نسل آئين جي ان ڪتاب جو چڱي طرح مطالعو ڪندي، ان کي ياد ڪندي ۽ ان تي تعليمي ادارن ۾ بحث ٿيندو جنهن ??ان قانون ۽ آئين جي حڪمراني قائم ٿيندي. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ هتي آئين جي پاسداري ۽ استحڪام جي لاءِ آيو آهيان، 12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن ??ئون هتان گذريو هئس ته اها هڪ اونداهي رات هئي. هن ??عا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين آباد رکي.
آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا