اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوا?? جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انقره ۾ مختلف ملڪ?? جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وز??را??ظم شهباز شريف ترڪيھ جي اڳوڻي نائب وز??را??ظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئرمين دولت باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وز??را??ظم شهباز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. حلف برداري تقريب ۾ وز??را??ظم شهباز شريف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وز??را??ظم شهباز شريف جي ايرا?? جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وز??را??ظم شهباز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ ايرا?? جي صدر سان پنهنجي هاڻوڪي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار هڪ سٺي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪ?? جي عوام کي فائدو ٿيندو. صدر اردوا?? جي حلف برداري واري تقريب ۾ وز??را??ظم شهباز شريف ازبڪستا?? جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جون ترڪ صدر جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena