اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪو به مذهب، معاشرو اظهار جي آزادي جي نالي تي مقدس هستين، علامتن ۽ آسماني ڪتابن جي بي حرمتي جي اجازت نه ??و ڏي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته قرآن پاڪ، تورات ۽ انجيل جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ ڪڌي ايجنڊا جو حصو آهي، جنهن جو واحد مقصد عالمي امن کي خطرن ۾ وجهڻ آهي. وزيراعظم چيو ته هو او آءِ سي ۽ مهذب دنيا کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي اڳتي اچن ۽ مقدس ڪتابن جي بي حرمتي جهڙي مڪروهه عمل کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته اهڙن روين کي روڪڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مذهبي نفرت کي هوا ڏين ٿا، تشدد کي فروغ ڏين ٿا ۽ دهشتگردي ۽ ع??ڪريت پسندي جي حوصلا افزائي ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسان کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شيطاني ڪردارن کي امن، رواداري ۽ اجت??اع??ت جي اسان جي گڏيل قدرن کي ڪمزور ڪرڻ نه ڏيڻ گهرجي.
ڪو به مذهب، معاشرو اظهار جي آزادي جي نالي تي مقدس هستين، علامتن ۽ آسماني ڪتابن جي بي حرمتي جي اجازت نه ٿو ڏي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی