اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي ج?? پي آر) جي منشيات رکڻ جي ??يس ۾ سزا يافته اڳوڻي ملازم جي پينشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان روينيو (اي ج?? پي آر) جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر کي 54 ڪلوگرام چرس ??کڻ تي سزا ٻڌائي وئي هئي. صدر اي ج?? پي آر جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر مير محمد قمبراڻي ج?? وفاقي محتسب جي فيصلي ج?? خلاف اپيل رد ڪندي قرار ڏنو ته ”سنگين بدانتظامي“ يا ”سنگين ڏوهه“ ۾ ملوث ڪنهن به سرڪاري ملازم جي پينشن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ بند ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب مير محمد قمبراڻي (شڪايت ڪندڙ) کي نوڪري تان رٽائرمينٽ کانپوءِ گاڏي ۾ 54 ڪلوگرام چرس ??کڻ جي ڏوهه ۾ فوجداري ??يس ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. ڪوئيٽا جي خصوصي عدالت شڪايت ڪندڙ کي منشيات ڪنٽرول ايڪٽ 1997ع تحت سخت پورهئي سان عمر قيد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. بعد ۾ اي ج?? پي آر فوجداري ??يس ۾ سزا ٻڌائڻ جي تاريخ کان ڏوهاري ج?? پينشن روڪي ڇڏي. شڪايت ڪندڙ پنهنجي پينشن جي بحالي ج?? لاءِ اپيل داخل ڪئي ج??هن کي رد ڪيو ويو. ڏوهاري فيصلي ج?? خلاف وفاقي محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي ج??هن کي اتان به رد ڪيو ويو. بعد ۾ شڪايت ڪندڙ صدر کي محتسب جي فيصلي ج?? خلاف درخواست داخل ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته اسپيشل جج ڪوئيٽا جي فيصلي موجب ڏوهاري ج?? قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس ??رآمد ٿي ۽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ڏوهاري رضاڪاراڻي طور تي اعتراف ڪيو ته ان کان اڳ به هو 4، 5 ڀيرا منشيات اسمگل ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته قانون تحت مستقبل جو سٺو طرزعمل پينشن گ??ان?? جي لازمي شرط آهي، جيڪڏهن پينشنر ڪنهن سنگين ڏوهه يا بدانتظامي ۾ ملوث هُجي ته حڪومت پينشن يا ان جي هڪ حصي کي روڪڻ يا واپس وٺڻ جو حق محفوظ رکي ٿي. صدر چيو ته ضابطي تحت پينشن جو پورو يا ڪو حصو روڪڻ يا واپس وٺڻ جي سوال تي صدر جو فيصلو حتمي هوندو آهي. سپريم ڪورٽ به پينشن جو حقدار هجڻ جي لاءِ سرڪاري ملازم جي سڄي زندگي ج?? سٺو عمل هجڻ ضروري قرار ڏنو آهي. صدر چيو ته سول سروس ضابطي 351 تحت مير محمد قمبراڻي ج?? سزا جي تاريخ کان پينشن روڪي وڃي ٿي.
صدر پاران منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ سزا يافته اي جي پي آر جي اڳوڻي سينيئر آڊيٽر جي پينشن روڪڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج