اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونس?? جي حل نه ٿيندڙ ايجنڊا ايٽمز ۾ ڄمون ڪشمير تڪرار سڀ کان پراڻو آهي ۽ پا??ستان ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ?? علائقائي فورمز تي اٿاريندو رهندو، پا??ستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهن??و ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،پاڪستان جا عرب، نار ۽ ٻين علائقائي ملڪن سان مضبوط لاڳاپا آهن، اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانگي کان اڳ آمريڪي نشرياتي اداري وائيس آف آمريڪا کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم چيو ته پا??ستان سمورن دستياب گهڻ رخي ۽ علائقائي فورمن تي ڪشمير مسئلي جو مستقل ۽ باقاعدگي سان دفاع ۽ وڪالت ڪندو رهيو آهي ۽ ان مسئلي جي حل تائين پا??ستان پنهنجو اهو ڪردار جاري رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال جو ذڪرڪندي نگران وزيراعظم چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جو سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن، ڀارت جي قابض فوج پوري علائقي کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڪشميرين جي آواز کي دٻايو پيو وڃي، چونڊن بابت افواهن کي رد ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پا??ستان جو مينڊيٽ آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان ڪيترائي قدم کنيا آهن. اسان کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن هن عمل کي ايمانداري سان مڪمل ڪندو. هن نگران حڪومت طرفان چونڊون رٿڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي م??لي وسيلن ۽ سيڪيورٽي جي فراهمي جي حوالي سان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ماضي ۾ ٻن صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ ۾ دير جي باري ۾ سوال تي نگران وزيراعظم چيو ته ممڪن آهي ته ان دور ۾ ڪجهه مسئلا هجن جنهن کي م??تلف فورمن قبول ڪيو هو، وزيراعظم سرحدن تي سلامتي جي خطرن تي ضابطو آڻڻ ۽ چونڊ عمل کي مڪمل ڪرڻ جي حوالي سان اعتماد جو اظهارپڻ ڪيو، وزيراعظم ملڪ ۾ جمهوري عمل کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته چونڊ عمل کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي احسن انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، هڪ سوا?? جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي آزادي آهي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي حوالي سان اسان جا اهڃاڻ خطي ۾ تمام بهتر آهن، ملڪ ۾ ميڊيا کي آزادي آهي، ميڊيا حڪومت ۽ ان جي ادارن يا معاشي م??املن جي حوالي سان ڪنهن به مسئلي تي آواز اٿاري سگهي ٿو يا نشر ڪري سگهي ٿو. پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف قانوني ڪيسن جي باري ۾ سوا?? جي جواب ۾ نگران وزيراعظم ان تاثر جي سختي سان ترديد ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سياست کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هي عدالتن جي ٻڌڻي هيٺ معاملا آهن. اڳوڻي وزيراعظم خلاف الزام آهن، اسان کي اميد آهي ته عدالتي عمل شفاف هوندو، هڪ ٻي سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته نگران حڪومت مسلسل آئيني عمل سبب ڪم ڪري رهي آهي ۽ کيس قومي اسيمبلي ۾ اڳوڻي قائد ايوان ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ مقرر ڪيو آهي، هن نگران حڪومت کي اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت جو تسلسل قرار ڏيڻ جي تاثر کي به مڪمل طور غلط قرار ڏنو، نگران وزيراعظم چيو ته پا??ستان افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهن??و ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ سمورن لاڳاپيل فورمن تي طالبان ۽ عالمي برادري سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، نگران وزيراعظم چيو ته طالبان دوحه معاهدي تحت عهد ڪيو هو ته افغان سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته نگران حڪومت غير قانوني واپار سميت افغان ٽرانزٽ جي م??ئلن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان جا واپاري لاڳاپا نه رڳو افغانستان پر سمورن وچ ايشيائي ملڪن سان به بهتر ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سمورا علائقائي واپاري رابطن جي اهميت کي سمجهن ٿا، افغان سرزمين کان ٿيندڙ دهشتگردي جي حملن جي حوالي سان پڇيل سوا?? جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پا??ستان دهشتگردي جي ڪنهن به ڪارروائي خلاف دفاع جو محفوظ حق رکي ٿو ۽ جڏهن ضرورت پئي ته پنهنجي عوام ۽ ڌرتي جي دفاع لاءِ ضروري قدم کڻندو، جڏهن وقت ايندو ان سلسلي ۾ مناسب فيصلا ڪنداسين، وزيراعظم ڪاڪڙ چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا ۽ نيٽو طرفان ڇڏيل هٿيار دهشتگردن جي هٿن ۾ اچڻ بابت سندس بيان جو مقصد آمريڪا يا ٻي ڪنهن ملڪ تي ڪو الزام لڳائڻ نه هو، ان حوالي سان جيڪو تاثر ڏنو ويو آهي اهو درست ناهي. نگران وزيراعظم پا??ستان جي سفارتي اڪيلائي جي تاثر کي رد ڪندي چيو ته پا??ستان جا عرب، نار ۽ ٻين ملڪن سان مضبوط لاڳاپاآهن، جڏهن ته اولهه سان ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا.
پاڪستان ڀارت جي غير قانوني طور قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي تڪرار کي سمورن عالمي ۽ علائقائي فورمن تي اٿاريندو رهندو، افغانستان ۽ خطي ۾ پائيدار امن لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکنداسين: نگران وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina