اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽائي قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف ??رگرمين ۾ ملوث قيدين تي لاڳو نه هوندي، سزائن ۾ گهٽتائي زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي مالي ڏوهن ۽ قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به لاڳو نه هوندي. سزا ۾ گهٽتائي غيرملڪي ماڻهو ايڪٽ، 1946ع ?? منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022?? تحت سزا يافته ماڻهن تي به لاڳو نه هوندي، 65 سالن کان وڌيڪ عمر جا مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪ??ٽي چڪا آهن، انهن تي لاڳو هوندي. 60 سالن کان وڌيڪ عمر جون عورت قيدي جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪ??ٽي چڪيون آهن، انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. 18 سال کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪ??ٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج