اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سيڪيورٽي فورسز کي ڊيره اسماعيل خان ۾ درازنده، درابن ۽ ڪلاچي کي علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي انهن ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو پاڙ کان خا??مو نٿو ٿي وڃي تيستائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خا??مي جي ڪاررواين ۾ 27 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي انهن جي ڪارڪردگي تي ساراهيو. هن چيو ته ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي خا??مي جون تازيون ڪارروايون دهشتگردي جي خا??مي لاءِ اسان جي پختي عزم جو ثبوت آهن، جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو پاڙ کان خا??مو نٿو ٿي وڃي تيستائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خا??مي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو مُڪمل خاتمو نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی