مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي، ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ ع??التي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت اڳواڻن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ محمود احمد ساگر، غلام محمد صافي، الطاف حسين واني، سيد فيض نقشبندي، شيخ عبدالمتين، سليم هارون، شيخ محمد يعقوب، امتياز واني، سيد منظور شاهه، منظور قادر، حافظ حامد رضا، مولانا امتياز صديق، سيد ياسر عباس، سيد جواد الحسن، سردار امجد يوسف، ميان عبدالوحيد، دانيال شهاب مدني، ??اڪ??ر مشتاق سردار، سردار عبدالقيوم، راجا فاروق حيدر، سردار عتيق ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وز??راعظم چوڌري انوارالحق پڻ موجود هو. حريت اڳواڻن ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني هڪطرفي قد?? جي توثيق جي مذمت ۽ ڪشميرين ساان يڪجهتي جي اظهار تي نگران وز??راعظم جا ٿورا مڃيا. حريت اڳواڻن پاران آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ نگران وز??راعظ?? جي ڀرپور پذيرائي ڪئي وئي. حريت اڳواڻن چيو ته نگران وز??راعظ?? جي اڄ جي خطاب ڪشميرين جي جذبن جي ڀرپور ترجماني ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي نگران وز??راعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪسمير ۾ پاڪستان رياست جو پيغام کڻي آيو آهيان ته پاڪستان سياسي ۽ سفارتي سطح تي ڪشميرين جي حمايت سدائين جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير جو ڪيس عالمي سطح تي وڌيڪ بهتر طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز عالمي ٿنڪ ٽينڪس، ميڊيا ۽ اڪيڊميز سان رابطو وڌائيندا. هن چيو ته واشنگٽن ڊي سي، لنڊن، برسلز ۽ ٻين اهم گادي وارن شهرن ۾ ڪشمير ڪيس جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي ويندي. نگران وز??راعظم وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزارت ۽ حريت اڳواڻن جو اجلاد جلد منعقد ڪرايو ويندو، حريت اڳواڻ ڪشمير ڪاز جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين. هن چيو ته اوورسيز ڪشميرين جو آواز ڪسمير ڪاز جي لاءِ انتهائي ڪارائتو ٿابت ٿي سگهي ٿو. نگران وز??راعظم چيو ته اسان واضح طور تي ڀارت جي سپريم ڪورٽ پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوا?? جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ ع??التي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي.
ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين تان دستبردار نٿو ٿي سگهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada