بڊاپسٽ – 08 ڊسمبر (اي ??ي پي) هنگري جي مرڪزي ۽ اولهه وارن علائقن ۾ شديد برفباري سبب زندگي جو ڪاروهنوار درهم برهم ٿي ويو ۽ روڊن، ريلوي لائنن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ متاثر ٿي. هنگري جي ڊيزاسٽر منيجمنٽ بابت نيشنل ڊائريڪٽوريٽ ??نر?? ٻڌايو ته شديد برفباري سبب وڻ ڪرڻ سبب ڪيترن ئي رستن تي اچ وڃ بند ٿي وئي ۽ گاڏيون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين برف ۾ ڦاٿل رهيون. ڪمپن?? ايم اي ??ي چيو آهي ته ملڪ جي اولهه ۽ اتر اوڀر وارن علائقن ۾ ٽرينن جي اچ وڃ پڻ متاثر ٿي آهي. ان صورتحال ۾ ٽرينن ۽ بسن جي مسافرن کي شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ مطابق گادي واري شهر فرينڪ لزٽ بين ا??اقوامي هوائي اڏي تي اڏامن جي اچ وڃ ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي. ??خت??ارين مطابق گادي واري شهر سميت متاثر علائقن ۾ امدادي ڪاروائيون جاري آهن.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا