رياض-21 فيبروري (اي پي پي)سعود?? عرب آمريڪا پاران غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي ويٽو ڪرڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ س??ار?? جومطالبو ڪيو آهي. روس ??ي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعود?? عرب جي پرڏيهي وزارت پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته سعود?? عرب الجزائر پاران پيش ڪيل غزه جنگ بندي جي ٺهراءَ کي آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ س??ار?? جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت غزه پٽي ۽ ان جي پسگردائي ۾ فوري طور تي جنگ بندي ??ي مطالبي تي ٻڌل مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارا هن وقت تمام گهڻا ضروري آهن جيڪي ٻٽي معيار جومظاهرو ڪرڻ کان سواءِ عالمي امن ۽ سلامتي کي برقر??ر رکڻ جي پنهجي ذميواري کي پوري ڪري سگهن. بيان ۾ غزه ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪندي فلسطيني شهرين جي زبردستي لڏپلاڻ کي رد ڪندي ٻه طرفي رياستي حل جي عزم تي زور ڀريو آهي.
سعودي عرب پاران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ سڌارن جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی