??ڪو پاڪ -25 مارچ (اي پي پي)مسجد الحرام ۾ رمضان المبارڪ دوران زائرين ۽ عمرو ڪندڙن لا??ِ افطار دسترخوانن جو ??هتمام صديون پراڻي روايت آهي، جيڪا اڄ به جاري آهي. روزانو 2400 دسترخوانن جو ??هتمام ڪيو ويندو آهي، جن تي هزارين ماڻهو افطار ڪندا آهن. اخبار 24 سان ڳالهائيندي افطار دسترخوانن جي انتظاميه جي ميمبر عزام اللحياني ٻڌايو ت?? مسجد الحرام ۾ روزانو 2400 دسترخوانن جو ??هتمام ڪيو ويندو آهي جن ۾ هزارين ماڻهو افطار ڪندا آهن. هن چيو ته هڪ دسترخوان 16 ميٽر ڊگهو هوندو آهي جنهن تي 32 افطار باڪسز رکيا ويندا آهن جن ۾ کجور، ڪيڪ ۽ پائي موجود هوندو آهي. افطار جي فراهمي لاءِ خيراتي ادارن ۽ شخصيتن طرفان الحرمين الشريفين اٿارٽي جي ويب سائيٽ تي اي رجسٽريشن جي شروعات رمضان کان اڳ ڪئي ويندي آهي.
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena