مڪه المڪرمه-18 جون (اي پي پي) سعودي اختيارين چيو آهي، ته هلندڙ سال حج جي سيزن دوران حاجين ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا انفيڪشن وا??ي بيماري رڪارڊ نه ڪئي وئي. هڪ بيان ۾ سعودي صحت وا??ي وزارت جي اختيارين جو چو?? هو ته حج موسم دوران طبي عملي مڪمل طبي نگهداشت فراهم ڪرڻ وا??يون پنهنجون سموريون امڪاني ڪوششون جاري رکيون. نائب وزير ڊاڪٽر هاني جوخدار چيو آهي ته حاجي سڳورن ۾ اڃا تائين ڪنهن به قسم جي انفيڪشن وا??ي بيماري رڪارڊ ناهي ڪئي وئي. سعودي صحت وا??ي وزارت وا??ح ڪيو آهي ته هو طبي ۽ انتظامي عملي، صحت جي سهولتن، مڪي پاڪ، مديني شريف ۽ مقدس هنڌن تي قائم ڪيل مرڪزن ذريعي حاجي سڳورن کي اعليٰ صحت جي سار سنڀال فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. پهرين ذي القعد کان 8 ذي الحج تائين اٽڪل 93000 حاجي سڳورن صحت مرڪز طرفان فراهم ڪيل مختلف صحت جي خدمتن مان فائدو کنيو. صحت وا??ي وزارت وضاحت ڪئي ته طبي عملي کي فراهم ڪيل صحت جي خدمتن ۾ طبي ۽ خاص ڪل??نڪون، فارميسيون، ڊائيلسز سينٽرز، انتهائي نگهداشت جي ڪمرن ۽ آئسوليشن يونٽس تي ٻڌل آهن. هلندڙ حج سيزن ۾ هن وقت تائين 19 اوپن هارٽ سرجريز، 218 ڪارڊيڪ ڪيٿيٽرائيزيشنز ۽ 676 ڊائيلاسز پراسس ڪيا ويا.
هلندڙ سال حج دوران حاجي سڳورا انفيڪشن وارين بيمارين کان محفوظ رهيا: سعودي صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena