اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان ڪامياب سفارتڪاري ذريعي اڳيان وڌي رهيو آهي، اهو ??اثر صحيح نه آهي ته پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزارت جي ناڻي جي مطالبن تي مخالف ڌر پاران ڪٽوتي جي رٿن تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته پرڏيهي وزارت جو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ب??يٽ ۾ اضافو رڳو 11 سيڪڙو آهي، اسان غيرضروري ناڻي جا مطالبا ناهن ڪيا، سفارتخانن جي ڪارڪردگي ۽ ڪميونٽي سروسز جي گذريل ٽن سالن ۾ بهتري آئي آهي، سفارتخانن ۾ نادرا پاسپورٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي سهولتون اچي چڪيون آهن، آن ل??ئي?? درخواستون به ڏئي سگهجن ٿيون
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ