ڪراچي – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ جي ترقي لاءِ جمهوريت جو تسلسل اڻٽر آهي، صرف عوام جي چونڊيل حڪومت ئي ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪري سگهي ٿي ڇو ته ماضي ۾ غ??ر جمهوري حڪومتون ملڪي ترقي ۽ مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن، سمورين مشڪلاتن جي باوجود موجوده حڪومت ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪيا، ڪراچي ۾ امن جي بحالي اسان سڀني جي وڏي ڪاميابي آهي، پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو اختيار پاڪستان جي عو??م کي حاصل هجڻ گهرجي، هو ڪراچي ۾ اين اي ڊي يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ