اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ هڪ لک 29 هزار اپارٽمينٽس جي پيڙهه جو پٿر هلندڙ مهيني رکندو، بلوچستان ۾ ڪوئي??ا ۽ گوادر ۾ هڪ لک 10 هزار جڏهن ته اسلام آباد جي 4 مختلف منصوبن تحت 19 هزار اپارٽمينٽس پهرين مرحلي ۾ تعمير ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ان جو فيصلو نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبي تحت هائوسنگ منصوبن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس دور??ن ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر