اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان قوم کي عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪندي ان موقعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد تي زورڏنو آهي. عيدالاضحيٰ تي لاپرواهي سان ڪورونا پکڙجڻ جو خدشو آهي، ??سان انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جتي ڪورونا جي وبا جي شدت گهٽ ٿي رهي آهي، ??يڪڏهن اسان احتياط ڪنداسين ته دنيا جي مقابلي ۾ ان مشڪل صورتحال ۾ بهتر انداز سان نڪرنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ آئسوليشن اسپتال ۽ وبائي مرضن جي علاج جي جديد مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چين جو پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا. وز??را??ظم عمران خان چيو ته ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون جي مشڪل صورتحال جي ب??وجود ٿوري مدي ۾ جديد اسپتال ٺاهڻ تي اين ڊي ايم اي کي پوري قوم طرفان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ان اسپتال ۾ بيڊز، عملي سميت سموريون جديد سهولتون موجود آهن.
قوم، ملڪ ۽ پنهنجي بزرگن کي ڪورونا کان بچائڻ لاءِ عيد سادگي سان ملهائين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania