اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊيڊ روانگي واپار جي فروغ لاءِ س??تي ڌاڳي تي 30 جون 2021ع تائين 5 سيڪڙو درآمدي ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي ريوينيو ۾ اض??في جي لاءِ روڊ ميپ جي تياري جي ڏس ۾ منصوبابندي واري وزير اسد عمر جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اي سي سي لاجسٽڪ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ آڻيندڙ جهازن جي برٿنگ کي ترجيح ڏني وڃي جڏهن ته ان ??الهه جو به خيال رکيو وڃي ته ان سان ٻيو درآمدي مال متاث?? نه ٿئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ