اسلام آباد-24 جنوري (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته ??اڪستان ۾ سانوڻي جي برساتن دوران شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ 60 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پيو. اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي فوڊ سيڪيورٽي اپ ڊيٽ ۾ چئي ??ئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ??وڏ جي نتيجي ۾ سوين ماڻهن پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، لکين چوپايو مال فوت ٿي ويو، جڏهن ته 9.4 ملين ايڪڙ ايراضيءَ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويو. سڀ کا?? وڌيڪ نقصان بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ??وڏ کا??پوءِ ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي. آڪٽوبر 2021ع ۾ شين جي مهانگائي جي شرح 8.3 سيڪڙو هئي جيڪا مارچ 2022ع ۾ 15.3 سيڪڙو ۽ ٻوڏ کا??پوء?? سيپٽمبر ۾ 31.7 سيڪڙو ٿي ??ئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ??جموعي طور تي ڏکڻ ايشيا ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي سببن، م??اس??ا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ۽ مقامي ڪرنسين جي قدر ڪِرڻ سان مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيو، جنهن سبب کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون وڌي ويون. بنگلاديش ۾ ڊسمبر دوران مهانگائي جي شرح ۾ ساليانو بنيادن تي 7.9 سيڪڙو، نيپال ۾7.4 سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ 35.5 سيڪڙو مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيو. سريلنڪا ۾ اها شرح 64.4 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ مطابق گذريل سانوڻي دوران ڏکڻ ايشيا جي خطي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ معمول کا?? وڌيڪ برساتون پيون. جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گهٽ پيون، جنهن سبب خوراڪ جي پيداوار ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي جنهن جا اثر اڃا سامهون اچي رهيا آهن.
پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ جي نتيجي ۾ سڄي ملڪ ۾ 60 لک ماڻهن کي غذائي کوٽ جو مُنهن ڏسڻو پيو: عالمي بئنڪ جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : bolão quina