گڏيل قومون-25 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي امن ڪاررواين ۾ عورتن جي ڪردار کي وڌائڻ جي پنهنجي مضبوط ارادن جو ورجاءُ ڪ??دي مطالبو ڪيو آهي ته فلسطين ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير ملڪي قبضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مصيبتن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائ??دي منير اڪرم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ عورتن، امن ۽ س??امتي جي موضوع تي مباحثي ۾ ٻڌايو ته عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف سڀ کان وڌيڪ سنگين خلاف ورزيون غير ملڪي قبضي جي حالتن ۾ ٿيون آهن ڇاڪاڻ ته قبضي جو هڪ مقصد والاريل آبادي کي محڪوم بڻائڻ هوندو آهي، جنهن ۾ عورتون ۽ ڇوڪريون سڀ کان وڌيڪ غير محفوظ هونديون آهن. پاڪستان نمائ??دي چيو ته اها صورتحال ??ارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي آهي جتي 1990ع کان هڪ لک کان وڌيڪ ڪشميري مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ هن سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو پرڏيهي قبضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي سنگين ۽ ناقابل قبول صورتحال جي خاتمي لاءِ قدم کڻي. ان بحث ۾ 60 کان وڌيڪ مقررن حصو ورتو ۽ امن جي عمل ۾ عورتن جي شموليت ۽ برابري جي بنياد تي فيصلا سازي ۾ حصو وٺڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان پهريون ملڪ آهي جنهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? جي گڏيل واعدن جي پڌرنامي جي توثيق ڪئي جنهن ۾ عورتن، امن ۽ س??امتي جي گڏيل قومن جي امن فوج کي مضبوط بڻائڻ لاءِ مرڪزي ترجيح طور شناخت ڪئي وئي، ??ن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ملڪ جي سياسي عزم کي عملي قدمن سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پرڏيهي قبضي تحت ڪشمير، فلسطين ۽ ٻين هنڌن تي عورتن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ امن ۽ س??امتي جي ايجنڊا کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.
فلسطين ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير ملڪي قبضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مصيبتن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب