واشنگٽن – 2 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن جي سزا معاف ڪرائيندي چيو ته اهو ڪيس سياسي هو جنهن ڪري کيس معاف ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق جوبائيڊن جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ هن پنهنجي پٽ هنٽر بائيڊن جي معافي نامه تي صحيحيون ڪيون آهن. هن ڪيس کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ انصاف کي گهمراهه ڪرڻ جي ڪوشش قرار ??نو. هن چيو ته سندس ڪيترن سياسي مخالفن طرفان سندس چونڊ بعد اهو الزام سامهون آيو ??? ڪو به باشعور ماڻهو هنٽر بائيڊن تي لڳايل الزام تي نظر وجهي ته هو ان کان علاوه ڪنهن ٻئي نتيجي تي نٿو په??ي سگهي ته هنٽر بائيڊن کي رڳو ان لاءِ نشانو بڻ??يو ويو هو ته هو سندس پٽ آهي. جوبائيڊن چيو ته اميد آهي ته آمريڪي ان ڳالهه کي سمجهندا ته هڪ پٽ ۽ صدر ان فيصلي سان ڇو سامهون آيا . هنٽر بائيڊن کي 2018ع ۾ بندوق رکڻ جو ڏوهي قرار ??نو ويو هو . جڏهن ته پراسيڪيوٽر جو اهو به چوڻ هو ته هن منشيات جي استعمال جي حو??لي سان به ڪوڙ ڳاله??يو هو . اهڙي طرح سيپٽمبر ۾ مٿس 14 لک ڊالر ٽيڪس ادا نه ڪرڻ جو الزام لڳ??يو هو پر بعد ۾ هن م??لي معاملن ۾ بدعنواني جو اعتراف ڪري ورتو هو. هن چيو هو ته هو ڏوهه جو اعتراف پنهنجي خاندان کي وڌيڪ شرمندگي ۽ تڪليف کان بچائڻ لاءِ ڪري رهيو آهي.
آمريڪي صدر پنهنجي پٽ جي سزا معاف ڪري ڇڏي، ڪيس سياسي هو: صدر جوبائيڊن
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو