اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مددگارن کي اهو پيغام آهي ته اهڙي طرح جي بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن، دشمن ٻاهرين ملڪن ??ون هدايتون وٺي اولهه سرحدي کان داخل ٿي دهشتگردي ڪندا آهن، ملڪ ۾ گهٽي ۽ پاڙي مان فتوا جاري ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ جهل مگسي واقعي تي پاليسي بيان ڏيندي گهرو وزير احسن اقبال ٻڌايو ته واقعو افسوسناڪ آهي سڀ گڏجي ان جي مذمت ڪريون ٿا، اس??ن جنگ جي حالت ۾ آهيون، دهشتگردن خلاف هي جنگ ملڪ ۾ ڊگهي عرصي کان وڙهي پئي وڃي، سيڪيورٽي ادارا ان جي خلاف چوڪس آهن، ??پر??شن رد الفساد ۽ ضرب عضب ٿيا، ننڍا ??پر??شن ٿيا، دهشتگرد پرڏيهي ملڪ مان هدايتون وٺي اولهندي سرحدن کان داخل ٿي ٽارگيٽ بڻائيندا آهن، انهن جي اسپانسر کي پيغام آهي ته اهڙي قسم ??ون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.
دشمن اولهه سرحدي کان داخل ٿي دهشتگردي ڪندا آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo