اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ج?? ويزن تحت صوبائي حڪومتن جي مڪمل تعاون، هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ جرئتمند عوام جي لازوال قربانين سان 35 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ بين الاقوامي رانديون، بين الاقوامي ڪانفرنسون ۽ بين الاقوامي سياحت واپس اچي وئي آهي، محمد نواز شريف ج?? ويزن موجب ک??يل قدمن جي نتيجي ۾ دهشتگردي ۾ نمايان گهٽتائي آئي، پوري دنيا ۾ دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏيندڙن ۾ پاڪستان سڀ کان مٿي آهي. هو اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ اط??اعات ۽ نشريات واي وزارت جي اهتمام هيٺ اسپورٽس جرنلسٽس جي ايشيائي تنظيم اي آءِ پي ايس جي ڪانگرنس کي خطاب ڪري رهي هئي. 33 ملڪن کان 70 وفد هن ٽن ڏينهن واري ڪانگريس ۾ شريڪ آهن.
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena