اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪ??اڪن دوران ڪورونا جي 756 مريضن جا ٽ??سٽ مثبت آيا ۽ 11 مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪ??اڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 862 ٽ??سٽ ڪيا ويا، جن??ن مان سنڌ ۾ 9 هزار 234، پنجاب ۾ 11 هزار 601، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 337، اسلام آباد ۾ 4 هزار 832 ، بلوچستان 859 ، گلگت بلتستان ۾ 270، آزاد ڪشمير ۾ 729 ٽ??سٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 5 هزار 395 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 77 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 209 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 21 هزار 218 آهي، جن??ن مان آزاد ڪشمير ۾ 3 هزار 268، بلوچستان ۾ 15 هزار 599، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 982، اسلام آباد ۾ 17 هزار 681، خيبرپختونخوا ۾ 38 هزار 464، پنجاب ۾ هڪ لک هڪ هزار 237 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 40 هزار 997 مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 614 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo