اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قو??ي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته مخالف ڌر جو هنگامو عوام ۽ جمهوريت جي خدمت جي ابتڙ آهي. اسپيڪر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانونسازي ۽ قو??ي اهميت جا اهم معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ اي??ان جي ڪارروائي اسيمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن تحت هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته اي??ان ۾ هنگامه آرائي سان نه جمهوريت جي خدمت آهي نه ئي عوام جي، اجلاس ۾ قانونسازي ۽ قو??ي اهميت جي اهم مسئلن کي بحث هيٺ آندو ويندو. اسد ق??صر چيو ته اي??ان جي ڪارروائي خوشگوار ماحول ۾ هلندي ته عوامي اهميت جا معاملا ۽ قانونسازي بهتر انداز ۾ ڪري سگهجي ٿي، عوام جون نظرون پنهنجي چونڊيل نمائندن ڏانهن آهن، چونڊيل نمائندا پارليامينٽ جو موثر انداز ۾ استعمال ڪري عوامي مسئلن جو حل تجويز ڪري سگهن ٿا.
اسد قيصر ۽ بابر اعواڻ پاران مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : quina acumulada