اسلام آب??د – 09 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 77 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ ج?? چ??ن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 54 سيڪڙو، لاهور ۾ 28 سيڪڙو، پشاور ۾ 29 سيڪڙو ۽ اسلام آب??د ۾ 22 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ ج?? چ??ن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 31 سيڪڙو، ايبٽ آب??د ۾ 31 سيڪڙو، پشاور ۾ 29 ۽ گجرانوالا ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 43 هزار 900 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 660، پنجاب ۾ 17 هزار 52، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 128، اسلام آب??د ۾ 4 هزار 370، بلوچستان ۾ 873، گلگت بلتستان ۾ 340، آزاد ڪشمير ۾ 477 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 69 هزار 691 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??يڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏه?? ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 371 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 44 هزار 987 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 36 هزار 131 آهي.
ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 77 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ