اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) تيرهون ٻن ڏينهن وارو ايشيا – يورپ سربراهه اجلاس خميس تي ڪمبوڊيا ۾ شروع ٿي ويو، پرڏيهي وزير ??خد??م شاهه محمود قريشي نوم – پنهه ۾ منعقد 13 هين ايشيا يورپ ورچوئل اجلاس (اسيم) ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. ايشيا يورپ ميٽنگ، ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ هڪ غير رسمي ڊائلاگ فور?? آهي جيڪو ٻنهي خطن کي درپيش ??ياسي، اقتصادي ۽ سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آهي، ان فورم جو بنيادي مقصد گڏيل احترام ۽ برابر حصيداري جي جذبي سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ آهي، اجلاس ۾ سڄي دنيا جا اڳواڻ، موسمياتي ??بديلي، پائيدار ترقي جي هدفن 2030ع جي ايجنڊا، آفتن جي خطرن ۾ گهٽتائي ۽ اسيم جي مستقبل جي اهم مسئلن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪري رهيا آهن. سربراهي اجلاس جي پهرين ڏينهن شرڪت ڪندڙن موسمياتي ??بديلي ۽ قدرتي ??فتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيندي ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. اجلاس ۾ اسيم فورم جي منفرد ۽ غير رسمي نوعيت کي برقرار رکندي مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ممڪن حڪمت عملي جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پنهنجي بيانن ۾ اڳواڻن موجوده علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير ??خد??م شاهه محمود قريشي، پاڪستان جي نمائندگي ڪندي اسيم فورم کي خطاب ڪندو ۽ افغانستان سميت علائقائي امن ۽ سلامتي ??ابت معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو.
تيرهون ٻن ڏينهن وارو ايشيا – يورپ سربراهه اجلاس خميس تي ڪمبوڊيا ۾ شروع
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ