اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين، پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ضلعي ڪرم جي علائقي ۾ دهشتگردن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي تي پاڪ آرمي کي خراج تحسين ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پي?? ڪيو. وزيراعظم شهيدن صوبيدار شجاع محمد، نائيڪ محمد رمضان، سپاهي عبدالرحمان کي شجاعت ۽ بهادري تي سلام پي?? ڪيو. وزيراعظم ??يو ته دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين. پاڪستان جي سلامتي کي چئلينج ڪندڙن کي ڪٿي لڪڻ جي جڳهه نه ملندي. هن ??يو ته قوم جون دعائون پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهن. وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدردي ۽ تعزيت جو ??ظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ پونيئرن کي ص??ر جميل ڏي.
دهشتگردي جي خلاف پڪي عزم ۽ ثابت قدمي سان اڳتي وڌندا رهنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado