اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چ??و آهي ته ڀارت جي – 20 جي سربراهه جي حيثيت س??ن پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي، پاڪستان ڪشمير مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو، ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل لازمي آهي، پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري ??کندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفرآباد ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اسان جو اهو پيغام آهي ته منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون، تاريخ گواهه آهي ته ڀارت ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته ڪشميري ??وام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندي. هن چيو ته ڀارت پاڻ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ڀارت پاران والاريل علائقي ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ڪرڻ جو مقصد دنيا کي اهو تاثر ڏيڻ آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول موجب آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??زاد ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ڊپٽي اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي چ??و ته پهريون پرڏيهي وزير آهيان جنهن کي آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. هن ڪشميري ??وام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي چ??و ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اسان جو پيغام آهي ته اسان خودمختياري ??ي حق جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون. بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قانوني قدم کي رد ڪريون ٿا، ڀارتي قدم عالمي قانونن جي خلاف آهي، ڀارت والاريل علائقي ۾ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جون کليل خلاف ورزيون ڪيون آهن، سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو هو ته ڪشميري ??وام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته ڀارت کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻو پوندو، ڪشميري ??وام جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون. هن چيو ته ڀارت جي – 20 جي سربراهي س??ن پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چ??و ته ڪشمير مسئلو عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، ڀارت ڪشميرين کي ريفرنڊم جو حق ڏي، اسان جو اهو مطالبو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير م??ن پنهنجي فوج واپس گهرائي. پرڏيهي وزير خودمختياري ??ي حق جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪندي ڪشميري ??هيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.
ڀارت جي – 20 جي سربراهه جي حيثيت سان پنهنجي پوزيشن جو ناجائز فائدو کڻي رهيو آهي، پاڪستان ڪشمير مسئلي جو پرامن حل چاهي ٿو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر